رميش تلوڪچند جئسنگھاڻي

رميش تلوڪچند جئسنگھاڻي: مشهور فنڪار ۽ موسيقار رميش تلوڪچند جئسنگهاڻيءَ جو جنم 6 فيبروري 1939ع تي ڳوٺ طيب، تعلقي رتيديري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ٿيو. هو ڏهه درجا تعليم پرائي سگھيو. ورهاڱي کانپوءِ هندستان هليو ويو، جتي سندس لاڙو گائڪيءَ طرف ٿيو. هن قواليون، ويدانتي ڀڄن، گيت وغيره ڳائي هند ۾ خوب نالو ڪمايو آهي. سندس ڪيترائي گيت آل انڊيا ريڊيو تان وقت بوقت نشر ٿيندا رهن ٿا.
هن هندستان ۾ رهندي به ڪڏهن پنهنجي جنم ڀوميءَ سنڌ کي وساريو نه آهي ۽ پنهنجي آواز ذريعي هميشه سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ سان پنهنجي بي پناهه محبت جو اظهار ڪندو رهيو آهي. سندس هڪ ڪتاب ’ڀڄن مالها‘ (1977ع) ڇپجي پڌرو ٿيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1939.02.06  عيسوي

مشهور فنڪار ۽ موسيقار رميش تلوڪچند جئسنگهاڻيءَ جو جنم 6 فيبروري 1939ع تي ڳوٺ طيب، تعلقي رتيديري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شيخ جيئو
ڄام صلاح الدين سمو
الف خان ترين خانبهادر
حاجي نجم الدين سريوال
سيد نويد قمر
سيد قائم علي شاهه موسوي
جمن شاهه جيلاني
بولچند راجپال
شمس الدين احمد حڪيم
جنيد بغدادي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون